SINDH: Sindhi Missing Persons Away From their loved Ones Since One Year. Still not any trace of their where about or presenting in Courts of Law !

in news by

سنڌ مان کنڀيل نوجوانن کي سال ٿيڻ وارو، جبري گمشدگين خلاف احتجاجي مظاهرا

ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان) رياستي ادارن پاران سنڌ مان جبري کنڀي گُم ڪيل اديبن، ليکڪن، استادن، پبلشرن، شاگردن ۽ قومي ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ وائيس آف مسنگ پرسنس ۽ سندن وارثن  جو احتجاج جاري آهي.رپورٽن موجب ڪراچي پريس ڪلب آڏو ڪالهھ ٻي ڏينهن به علامتي بُک ھڙتال ڪئي وئي، جنھن ۾ گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي وارثن ھدايت لوھار جي ڌيءُ سسئي لوھار، پُٽ سارنگ لوھار، خادم آريجي جي ڌيءُ نيلم آريجو، دلدار جوڻيجي جي امڙ، دلدار جي مامي اصغر جوڻيجي، صحافي ديدار امرت جي گھرواري رُوبينا ديدار، ڀاءُ غلام رسول، ڪليم تُنيي جي ڀيڻ نگھت، محمد خان وگھيي جي ڀاءُ صدام حسين، سنڌ سُجاڳي فورم جي مرڪزي ڪوآرڊينيٽر سھڻي جويو، مرڪزي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر سارنگ جويي، سول سوسائٽي جي نمائندن، اديبن ۽ شاعرن بيدل مسرور، سميع بلوچ، خليل چانڊيي، مھر ڊٻائي،  سنڌ سيڪيولر فورم جي راج ڪمار، جسقم جي ساجد ڦلپوٽي، ڪامران مري، جسقم (ب) جي گل جعفري، معظم کوکر ۽ ٻين شرڪت ڪري گُھر ڪئي ته 10 مھينا گُذري چُڪا آھن، پر اسان جي کنڀي گُم ڪيل ماڻھن جو ڪو به ڏسُ پتو ناھي، اسين واضح طور چاھيون ٿا ته سنڌ مان 50 کان مٿي ماڻھن کي رياست جي ڳُجھن ادارن کنڀي گُم ڪيو آھي، جن ۾ سنڌ جا سياسي سماجي ڪارڪن، استاد، اديب، شاعر، شاگرد ۽ قومپرست ڪارڪن اُستاد ھدايت لوھار، خادم حسين آريجو، انعام عباسي، ايوب ڪانڌڙو، ننگر چنو، صحافي ديدار امرت، صابر چانڊيو، ڪليم تُنيو، خليق ھڪڙو، مرتضيٰ جوڻيجو، رضا جروار، شادي سومرو، بلاول چانڊيو، دلدار جوڻيجو، محمد خان وگھيو، گلشير ٽڳڙ ۽ ٻيا درجنين قومي ڪارڪن شامل آھن، هنن مُطالبو ڪيو ته سنڌ مان کنڀي گُم ڪيل اديبن، ليکڪن، شاگردن، استادن ۽ قومي ڪارڪنن کي جلد کان جلد آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي. ٻي طرف نصير آباد مان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان کنڀي گم ڪيل سياسي سماجي تعليمي ۽ ادبي تنظيمن سان واڳيل نوجوانن بخش علي مغيري، اعجاز تنيي، پرائمري استاد هدايت الله لوهار ۽ اديب ننگر چني کي سال ٿيڻ وارو آهي جڏهن ته سندن وارث نوجوانن کي ڳولي ڳولي ٿڪجي پيا پر ڪٿي به ڪو پتو نه پئجي سگھيو جڏهن ته نوجوان اعجاز تنيي جي گمشدگي دوران سندس آزادي لاءِ در در تي دانھون ڪندڙ پيرسن پيءُ، پٽ جي جدائي ۾ فوت ٿي ويو ۽ پرائمري استاد ھدايت لوهار جي پيرسن امڙ پٽ جي واپسي لاءِ ڳوڙها ڳاڙيندي ۽ دعا گھرندي گھرندي نيٺ وڃي مالڪ حقيقي سان ملي پر ٻنھي نوجوانن کي پنهنجي پيارن جا منهن نصيب نه ٿي سگھيا جڏهن ته گم ڪيل چئني نوجوانن جي گھرن ۾ اڄ تائين ويرانيون ۽ روڄ راڙو متل آهي هوڏانهن شهر جي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن جبري گمشدگين خلاف يو بي ايل بئنڪ لڳ ڪالهه ٻي ڏينھن بـ  علامتي بک هڙتال ڪئي، جنهن ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالفتاح چني، عابد چني ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جبري گم ڪيلن جي وارثن صفي الله چني، اڪرم چني، سنگھار آريجي، سارنگ لوھار، راشد نوناري، رانجھن چانڊيي ۽ جمن چنجڻي چيو ته اسان جي پيارن کي سال ٿيڻ وارو آهي پر هن مھل تائين ڪا به ڄاڻ ناهي ته هو ڪٿي ۽ ڪھڙي حالت ۾ آھن، سندن جدائي ۾ ٻچا روئي روئي بيحال ٿي ويا آهن. هنن انساني حقن جي تنظيمن ۽ سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي ته جبري گمشدگين بابت پنھنجو ڪردار ادا ڪن. هوڏانهن سچل ڳوٺ مان جبري گم ڪيل خليق هڪڙي جي آزاديءَ لاءِ قمبر ۾نعمان هڪڙي، فراز هڪڙي، بلاول هڪڙي، ڊاڪٽر ڪنول هڪڙو، غزل هڪڙو، عائشا هڪڙو، صاحبا هڪڙو ۽ عبدالله هڪڙو کان علاوه ننڍڙن ٻارن احتجاجي جلوس ڪڍيو. هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، آرمي جي چيف، ڊي جي رينجرز، چيف جسٽس آف سنڌ، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته کنڀي گم ڪيلن کي آزاد ڪيو وڃي.شاهپور جهانيان جي پرائمري استاد محبوب ڀٽو کي گم ڪرڻ واري عمل خلاف قاضي احمد جي استادن شريف کوسي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو. جتي خطاب ڪندي استاد شريف کوسي، شاهد علي پلي، زوهيب انڙ ۽ استاد حضور بخش ڏاهري ڳالهائيندي ٻڌايو ته يارنهن ڏينهن اڳ هو پنهنجي دوستن سان گڏ سن مان واپس ڳوٺ اچي رهيو ھئو ت قاضي احمد آمري پل تي بيٺل ايجنسين جا اهلڪارن اکي زبردستي گاڏي مان لاهي پاڻ سان کڻي ويا هنن چيو ت مذڪوره استاد جو ڪنهن به سياسي تنظيم سان واسطو ن آهي هو هڪ شريف شهري فرض شناس استاد آهي هن چيو ت يارنهن ڏينهن کان سندس معصوم ٻارڙا ۽ گهر وارا سخت پريشان بڻيل آهن هنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ اعلي اختيارين کان گهر ڪئي آهي ت محبوب ڀٽو کي فوري آزاد ڪرائي وارثن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي