Hindu Girl Puja kidnapped by a drunk Muslim Ghaffar Kori in Mirpur Mathelo. Protest of Hindus Continued

in news by

ماٿيلي جي پوجا اڃا نه موٽي، پوليس جا رڳو ڏٽا، هندو پنچائت کي بلاول سان ملڻ نه ڏنو ويو، احتجاج

ميرپورماٿيلو (رپورٽ : ڪندن لال )ميرپورماٿيلو شهر جي وچ بازار چار ڏينهن اڳ اوباش نوجوان غفار ڪوري پنهنجي ساٿين جي مدد سان هٿيارن جي زور تي مينگهواڙ نوجوان ناري پوجا ٻائي کي اغوا ڪري وڃڻ بعد پوليس وارثن پاران ڏنل موبائل نمبر کي ٽريس ڪرائي پوجا کي اغوا ڪندڙ غفار ڪوري جو پتو لڳائڻ کانپوءِ پوجا جي ڀاءُ وجي ڪمار جي فرياد تي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ باوجود پوجا مينگهواڙ کي چار ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس پتو نه لڳائي سگهي آهي ۽ ايس ايڇ او ميرپورماٿيلو پرويز شاهه پاران مسلسل مهلت طلب ڪرڻ خلاف  مينگهواڙ هندو پنچائت جي سڏ تي مينگهواڙ برادري جو ملنگ بابا درٻار تي ڪٺ ٿيو جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي جنهن ۾ ن ليگ جو ايم اين اي ڊاڪٽر درشن لال پهچي مينگهواڙ برادري کي يقين ڏياريو ته جيڪڏهن پوليس 24 ڪلاڪن اندر پوجا کي بازياب نه ڪرايو ته نيشنل اسيمبلي جي اجلاس ۾ پوجا جي اغوا جو آواز اٿاريو ويندو ۽ وزير اعظم کي پڻ پوجا مينگهواڙ جي اغوا بابت آگاهي ڏئي آءِ جي سنڌ کي پوجا جي بازيابي لاءِ حڪم ڏيارينداسين ڪٺ کانپوءِ مينگهواڙ برادري احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو ان موقعي تي مکي سيرو رام ، مکي نند لال ، ڀڳوان داس ، وشن داس مينگهواڙ ، دليپ ڪمار ، ارجن داس ۽ مکي سنتوش ڪمار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سان ظلم جي انتها آهي غريب مينگهواڙ ڏسي اسان جي نوجوان ناري پوجا مينگهواڙ کي شر پسند غفار ڪوري پنهنجي ساٿين جي مدد سان هٿيارن جي زور تي ناري اغوا ڪري کڻي وڃڻ واري واقعي کي چار ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس مک جوابدار کي نه گرفتار ڪري سگهي ۽ نه ئي پوجا ٻائي کي بازياب ڪرايو آهي هنن چيو ته اسان جي مينگهواڙ پنچائت جو هڪ وفد بلاول ڀٽو زرداري سان ڪينجهر واري دوري دوران ملاقات لاءِ پهتو ته پوليس انهن کي بلاول ڀٽو تائين پهچڻ نه ڏنو ۽ اسان سان ظلم آهي جيڪڏهن اسان جي ناري بازياب ٿي واپس نه ڏياري وئي ته اسين احتجاج جو دائرو وسي ڪندي ميرپورماٿيلو پوري سنڌ تائين ڦهلائي سنڌ اسيمبلي ڪراچي ۽ نيشنل اسيمبلي اسلام آباد آڏو ڌرڻوهڻنداسين ۽ جوابدار جي گرفتاري ۽ پوجا جي بازيابي تائين اسان جي احتجاج جو سسلسلو جاري رهندو، هوڏانهن رات دير سان ايس ايڇ او ميرپورماٿيلو پرويز شاهه مينگهواڙ هندو پنچايت جي مکي سنتوش ڪمار ۽ ٻين اڳواڻن سان ٿاڻي تي ملاقات ڪري وڌيڪ 24 ڪلاڪ جي مهلت گهرندي خاطري ڪرائي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن اندر پوجا ٻائي کي بازياب ڪرائي مک جوابدار غفار ڪوري سميت ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري  قانون جي ڪٽهري ۾ آڻينداسين جنهن تي ميگهواڙ برادري ايس ايڇ او کي وڌيڪ 24 ڪلاڪ جي مهلت ڏيندي اعلان ڪيو آهي ته جيڪڏهن 24 ڪلاڪن اندر ايس ايڇ او پوجا کي بازياب نه ڪرايو ته ٻيهر ٿاڻي آڏو ڌرڻو هڻنداسين .

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پوڄا اغوا جو نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ روزاني عوامي آواز جي شايع ٿيل خبر جو نوٽيس ورتو. چيف جسٽس احمد علي

شيخ ميرپور ماٿيلي مان مسمات پوڄا جي اغوا جو نوٽيس ورتو. چيف جسٽس پوليس جي ناڪامي جو نوٽيس وٺندي ناري جي اغوا واقعي جو نوٽيس ورتو. ڊسٽرڪٽ ايڊيشل جج، ڊي آءِ جي سکر سميت جاچ آفيسرن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. سمورن آفيسرن کي رپورٽ سان گڏ 11 جنوري تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.3304