We are against division of Sindh: Farooq Sattar

in news by

اسان سنڌ جي ورهاڱي خلاف آهيون: فاروق ستار

 ٽنڊو آدم (ت ر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراھ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته اسان سنڌ جي ورهاست خلاف آهيون پر جڏهن اسين ٽيڪس ڏيون ٿا ته پوءِ اسان کي روزگار، وسيلن،  داخلائون ۽ ترقياتي فنڊن ۾جڏهن پنهنجو حق نه ٿو ملي  ته

پوءِ ڪجهھ عنصر اهڙين ڳالهين کي اٿارين ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽنڊي آدم ۾ محمدي چوڪ تي خطاب ڪندي ۽ پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته  اسين صوبن جي خودمختياري سميت مڪاني ادارن جي خود مختياري چاهيون ٿا جيڪڏهن ايئن ٿي وڃي ته پوءِ سڀ مسئلا حل ٿي ويندا. هن چيو ته اسين سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ سنڌين کي گڏائي سنڌ کي ملڪ جو  خوشحال، ترقي يافته ۽ تعليم يافته صوبو ٺاهڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته حيدرآباد وارو جلسو پاڪستان ۾ تبديلي آڻيندو، جيڪا ايم ڪيو ايم پاڪستان آڻيندي، اهو جلسو ٻڌائيندو ته اليڪشن 2018ع جا نتيجا ڪهڙا هوندا.هن چيو ته ايم ڪيو ايم ۾ ڀلي ڪيترا به ڌڙا ٺهن پر ووٽ بينڪ صرف  ايم ڪيو ايم پاڪستان جو آهي، ايندڙ اليڪشن ۾ بيلٽ باڪسن مان صرف لغڙ جا ووٽ نڪرندا. هن چيو ته جڏهن شهري توڙي ٻهراڙي جو عوام باقائدگي سان ٽيڪس ڏئي ٿو ۽ اهو ٽيڪس ٻنهي پاسي خرچ نه ٿو ٿئي ته پوءِ اهو ٽئڪس جو پئسو ڪيڏانهن ٿو وڃي.؟ هن چيو ته سنڌ جي ٻين علائقن ۾وڏيرا ۽ جاگيردار غريب عوام جو استحصال ڪري آهن،  اسان سڀني کي انهيءَ استحصالي ٽولي جو گڏجي مقابلو ڪرڻو آهي.  ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خواجه اظهار الحسن، وسيم اختر، شبير قائمخاني، زونل انچارج سانگهڙ عارف شيخ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.05