Pak Agencies (ISI) blocked Islamabad thrice. IT looks as Army Chief has done this all: Justice Shaukat Aziz Siddiqui of Islamabad High Court

in news by

ايجنسين ٽيون ڀيرو اسلام آباد بلاڪ ڪيو، لڳي ٿو سڀ ڪجهه آرمي چيف ڪرايو:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد( م ڊ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪومت ۽ ڌرڻو هڻندڙ قيادت ۾ فوج جي ٽياڪڙي هيٺ ٺاهه تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو  آهي ته عدالت ٺاهه جو نه رڳو ڌرڻو ختم ڪرائڻ ۽ فيض آباد انٽر چينج خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو. ملڪ جا ادارا پنهنجي ئي رياست خلاف ڪم ڪري رهيا آهن، فوج پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي، سياست جا شوقين استعيفيٰ ڏئي سياست ڪن، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڌرڻي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، وفاقي گهرو وزير احسن اقبال، چيف ڪمشنر اسلام آباد ذوالفقار حيدر ۽ ٻيا عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا. ان موقعي تي جسٽس شوڪت عزيز صديقي ٺاهه ۽ فوج جي ٽياڪڙي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته آئين تحت ڪنهن فوجي آفيسر  ٽياڪڙي ڪيئن  ڪئي آهي، ڇا آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه آئين کان مٿانهون آهي، فوجي آفيسر ٽياڪڙ ڪيئن ٿو ڪري سگهي، لڳي ٿو ته سڀ ڪجهه سندن چوڻ تي ٿيو آهي، رياست سان ڪيستائين ايئن ٿيندو رهندو؟ جسٽس شوڪت عزيز صديقي چيو ته رپورٽ پيش ڪئي وڃي ته آپريشن ناڪام ڇو ٿيو، اسان جي انتظاميه کي ڇو خوار ڪيو ويو، آرمي پنهنجي آئيني ڪردار اندر رهي، آرمي چيف ڪير ٿيندو آهي ٽياڪڙ ٿيڻ وارو، جن فوجين کي سياست ڪرڻ جو شوق آهي اهي فوج ڇڏي ڏين ۽ سياست ۾ هليا وڃن، قوم سان ڪيستائين تماشو لڳل رهندو، لکت ۾ آگاهه ڪيو ڪنهن اسان جي انتظاميه کي خوار ڪيو آهي، ڪنهن پوليس جي پٺي ۾ خنجر هنيو، فوج پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي، فوج قانون ٽوڙيندڙ جلوس سامهون ڪيئن نيوٽرل رهي سگهي ٿي؟  جسٽس شوڪت عزيز صديقي چيو ته هاڻي عدليه ۾ جسٽس منير جا پيروڪار نه آهن، اعليٰ عدليه کي گاريون ڏيڻ جي معافي گهرڻ جي شق ٺاهه ۾ ڇو شامل نه آهي؟ آءِ ٽي جي وزير انوشا رحمان کي بچائڻ لاءِ زاهد حامد جي قرباني ڏني پئي وڃي،  ناموس رسالت ڪيس ۾ انوشا رحمان ڊرٽي گيم جو اشارو ڏنو هو، ڇا فيض آباد سان جي ايڇ ڪيو هجي ها ته ڌرڻو هنيو وڃي ها، دهشتگردي جي شقن وارا ڪيس هڪدم ڪيئن ختم ٿيندا، اهڙين ڳالهين کانپوءِ منهنجي زندگي جي ڪابه ضمانت نه آهي، خبر آهي ته قاديانين کي ڪنهن ڊارلنگ بڻائي رکيو آهي،. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڌرڻو ختم ڪرائڻ جي ٺاهه جي اپائن جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 4 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.ريمارڪس ۾ جسٽس شوڪت عزيز چيو ته حساس ادارن ٽيون ڀيرو وفاقي راڄڌاني کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻڌڻي شروع ٿي ته ڊپٽي اٽارني جنرل اسد ڪياني ٻڌايو ته گهرو وزير سڄي رات جاڳندو رهيو. جج پڇيو ته ڇا پئي ڪيائين. رياست ته چيو آهي ته اسان آپريشن نه ٿا ڪرڻ چاهيون. چيف ڪمشنر اسلام آباد ذوالفقار حيدر ٻڌايو ته ڌرڻي جي اڳواڻن سان ٺاهه ٿي چڪو آهي. عدالت چيو ته اسان ٺاهه جو نه چيو هو. ڇا فيض آباد انٽر چينج خالي ڪرايو ويو آهي. چيف ڪمشنر چيو ته ڪجهه دير کانپوءِ سڀ ڪليئر ٿي ويندو. رڳو هڪ پريس ڪانفرنس چو انتظار آهي. عدالت جي حڪم تي ٺاهه پڙهي ٻڌايو ويو. وفاقي گهرو وزير احسن اقبال پيش ٿي ٻڌايو ته اميد آهي ته ڌرڻو ختم ٿي ويندو. جج چيو ته توهان مان اميد ته 9 مهينن کانپوءِ به پوري نه پئي ٿئي. مون بابت به ڳالهيون ڪيون ويون. پر مون آئين تحت فيصلو ڪيو ۽ ان تي قائم آهيان. فوجي ڇو هرو ڀيرو هيرو پيا بڻجن. هي توهان ڪهڙو ٺاهه ڪيو .گهرو وزير چيو ته ملڪ ۾ گهرو ويڙهه جهڙي صورتحال هئي. منهنجي سر تي انعام رکڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون هيون. جيڪو ڪجهه ڪيو ملڪ جي مفاد ۾ ڪيو، جج رمارڪس ڏنا ته جنهن شخص جو ڪورٽ مارشل ٿيڻ گهرجي ها ان کي ٽياڪڙ ڇو بڻايو ويو. آئين تحت ڪنهن آفيسر جو ٽياڪڙ بڻجڻ ڪيئن آهي. بعد ۾ عدالت ٺاهه تي سنجيده سوال اٿاريندي تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ۾ چيوويو آهي ته عدالت کي اهو اعتراض آهي ته ميجر جنرل فيض حميد ٺاهه تي صحيح ڪئي. اها حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته آرمي چيف جي ڪوشش کي ساراهيو ويو. لڳي ٿو ته فوج جي اعليٰ قيادت جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي اهو آئين ۽ قانون جي ابتڙ آهي. اعليٰ عدليه خلاف اڻ وڻندڙ زبان استعمال ڪئي وئي. فوج ملڪي قانون موجب پنهنجي مينڊيٽ کان باهر نه ٿي وڃي سگهي. وفاقي حڪومت ۽ ٽياڪڙ گندي ٻولي تي ڌرڻي جي قيادت کان معافي وٺڻ جو نه چيو، ٺاهه جي شرطن جي طريقي تي سخت خدشا آهن.