ن جي آبادڪاري خلاف ”سنڌ ايڪشن ڪميٽي“ قائم، 9 ڊسمبر تي بک هڙتال جو اعللن

in news by

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) سنڌ جي قوم پرستن، دانشورن ۽ سول سوسائٽي پاران سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري کي رد ڪندي غيرقانوني ترسيل ماڻهن کي شناختي ڪارڊ ڏيڻ واري حڪومتي فيصلي خلاف گڏجي جدوجهد هلائڻ تي اتفاق، ڪراچي ۾ حيدر منزل تي اهم اجلاس ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي قوم پرست اڳواڻن چيو آهي ته بهارين، بنگالين ۽ افغانين سميت ٻين ڌارين کي شهريت ڏيڻ ۽ سنڌ ۾ ڌارين جي يلغار کي روڪڻ لاءِ 9 ڊسمبر تي سڄي سنڌ ۾ ضلعي سطح تي علامتي بک هڙتال ڪئي ويندي، سنڌ جي واهڻ وستي ۾ ڌارين جي آبادڪاري سان نقصان کان آگاهه ڪرڻ لاءِ سجاڳي مهم هلائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته ڪالهه ڪراچي ۾ حيدر منزل تي سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي ميزباني هيٺ قوم پرستن، دانشورن ۽ ليکڪن سميت سنڌ دوست ڌرين جو اهم اجلاس سيد جلال محمود شاھ جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان قريشي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ رسول بخش خاصخيلي، جسقم (آريسر) جي چيئرمين ڊاڪٽر مير عالم مري، عوامي جھموري پارٽي جي اڳواڻ امان الله شيخ، جيئي سنڌ لبرل فرنٽ جي نواز خان زنئور، علي نواز ٻُٽ، جيئي سنڌ قوم پرست پارٽي جي قمر ڀٽي، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ مظهر راهوجي، جيئي سنڌ محاذ جي رياض چانڊيو گروپ جي علي نواز شاھ ڀاڏائي، ليکڪ ۽ دانشور گل حسن ڪلمتي، فتاح چنا، نور احمد ميمڻ، خدا ڏنو شاھ، اسلم بلوچ، ڊاڪٽر علي رند ۽ ٻين ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ کي روڪڻ جي لاءِ سڀني قوم پرست پارٽين ۽ سول سوسائٽي توڙي ليکڪن ۽ سنڌ دوست ڌرين کي گڏ ڪري جدوجهد هلائي ويندي. اجلاس کان پوءِ جلال محمود شاھ، ڊاڪٽر قادر مگسي، صنعان قريشي ۽ ٻين گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو ته ”سنڌ ايڪشن ڪميٽي“ قائم ڪئي وئي آهي. سنڌ ايڪشن ڪميٽي ۾ شامل سمورا قوم پرست، دانشور ۽ ٻيا سنڌدوست رڳو ڌارين جي آبادڪاري واري هڪ نڪتي ايجنڊا تي ئي گڏ هوندا. جڏهن ته ان کان سواءِ سڀني پارٽين جا الڳ الڳ پروگرام آهن. سيد جلال محمود شاھ چيو ته اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ڌرين اتفاق ڪيو آهي ته سنڌ ۾ ڪنهن به غير ملڪين کي قانوني حيثيت ڏيڻ وارو عمل سنڌ جي قومي وحدت جي بقا خلاف سازش هوندو. اهڙي ڪنهن به سازش خلاف سموريون قومي سوچ رکندڙ پارٽيون گڏيل جدوجهد هلائينديون. هن چيو ته سنڌ هڪ تاريخي قومي وحدت طور پاڪستان جي وفاق ۾ شامل ٿي آهي، ۽ وفاق ۾ سنڌ کي پنهنجي ڊيموگرافي جي تحفظ جو آئيني حق حاصل آهي. ان ڪري ڪنهن به ڌاري آبادڪاري کي قبول نه ڪيو ويندو. هن چيو ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي مطالبو ڪري ٿي ته سنڌ ۾ رهندڙ برمين، بنگالين ۽ افغانين کي غير مُلڪي رجسٽرڊ ڪري کين محدود حدن ۾ ترسايو وڃي ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت 35 لک افغان پناهگيرن کي واپس موڪليو وڃي، هن چيو ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران 9 ڊسمبر تي سنڌ ۾ ضلعي سطح تي برمين، بنگالين ۽ افغانين کي شهريت ڏيڻ ۽ ڌارين جي سنڌ ۾ والار خلاف علامتي بک هڙتال ڪئي ويندي. ۽ آگاهي مهم به جلد شروع ڪئي ويندي، جنهن جو شيڊول جلد جاري ڪيو ويندو. هن چيو ته ايڪشن ڪميٽي ۾ شامل سمورين پارٽين جي نمائندن تي ٻڌل اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙي وئي آهي. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي جلال محمود شاھ چيو ته في الحال ڌارين جي آبادي واري هڪ نقطي تي سڀ گڏ ٿيا آهيون، ان کان سواءِ سمورين پارٽين جا پنهنجا پنهنجا پروگرام آهن، صحافين جي سوالن جو جواب ڏيندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته پاڻي جي کوٽ ۽ ڪمند جو اگھه مقرر نه ڪرڻ پ پ پ سرڪار جي ناڪامي آهي، بدترين حڪمراني اهڙي ئي هوندي آهي، جيڪا سنڌ ۾ آهي. جڏهن ته اجلاس ۾ محبوب عباسي، اعجاز سامٽيو، الاهي بخش بڪڪ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.