Sindh United Party (SUP) organizes Protest Demonstration against settlement of alien Burmese, Bangalis and Afghanis in Sindh

in news by

ڪراچيءَ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾برمين، افغانين ۽ بنگالين جي آبادڪاري ۽ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ خلاف ايس يو پي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت روهنگيا دهشتگردن کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ جا بيان ڏئي سياست ڪري رهي آهي، اسلام جي نالي تي ڪنهن به ڌاري ماڻهو کي سنڌ ۾ قبول نه ڪنداسين، آدم شماري نتيجن تي ڪراچي جي نسلي تنظيم وائڙي ٿي وئي آهي. ان حوالي سان ڪالهه ايس يو پي ڪراچي ڊويزن پاران محبوب عباسي، ايڊوڪيٽ سيد غلام شاھ، اعجاز سامٽيي ۽ عنايت کٽياڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي پارٽيءَ جي مرڪزي نائب صدر اعجاز سامٽيي چيو ته پيپلز پارٽي اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ڌارين کان همدرديون وٺندي سمورن ڌارين کي گڏ وٺي هلڻ جو طئي ڪري چُڪي آهي. مُلڪ ٺهڻ کان وٺي چورن ۽ لٽيرن کي حڪمراني جو حق ڏنو ويو آهي. ڪرپٽ وزير پاڻ بچائڻ لاءِ اسٽبلشمينٽ سان ڊيل ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڌارين جي آبادڪاري ۽ ڪرپشن خلاف ايس يو پي جي جدوجهد جاري رهندي. پ پ جي هر سازش کي ناڪام بڻائينداسين. ڪراچي ڊويزن جي صدر محبوب عباسي چيو ته سنڌ عالمي يتيم خانو ناهي، ڌارين جا ڌڻ اسان ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين. مذهب ۽ پاڪستان جي نالي تي روهينگيا جي شرپسندن کي سنڌ ۾ آندو پيو وڃي پر سنڌ جا ماڻهو حڪومت جي اهڙي فيصلي کي نه مڃيندا. هن چيو ته ڪراچي ۾رهندڙ محب وطني جا دعويدار سازشون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته برما جي مسلمانن کي سعودي عرب ۾ آباد ڪيو وڃي. هن اهو پڻ چيو ته آدم شماري جي نئين نتيجن بعد نسلي سياست ڪندڙ تنظيم وائڙائپ جو شڪار بڻجي وئي آهي. سيد غلام شاھ چيو ته سنڌ اندر سوچيل سمجھيل سازش تحت ڌاري آبادڪاري کي هٿي ڏني پئي وڃي. جيئن سنڌ جي اصل وارثن کي اقليت ۾ تبديل ڪري سگھجي. هن چيو ته اڳ ۾ به سنڌ لکين غيرقانوني آيل افغانين، برمين ۽ بنگالين جو بار برداشت ڪري رهي آهي. حڪمران جماعت ڌارين کي قومي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ وارا اعلان ڪري سنڌ دشمني ڪري رهي آهي. جيڪڏهن پيپلز پارٽي وارن سنڌ دشمني جاري رکي ته سندس جلسن جلوسن جو گھيراءُ ڪيو ويندو.