International day of “Enforced Disappearance”: 150 Missing in Pak occupied Sindh(PoS):Hunger Strike in Karachi and Processions in Hyderabad and Larkana

in news by

گم ڪيل ماڻهن جي آزاديءَ لاءِ ڪراچي ۾بک هڙتال، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾مظاهرا

 

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) سنڌ مان کنڀي گم ڪيل ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ماڻهن جي آزاديءِ لاءِ ڪراچي، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾احتجاجي مظاهرا ڪري کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزاديءَ جو مطالبو ڪيو ويو، ان سلسلي ۾جيئي سنڌ قومي محاذ ”آريسر“ ۽ وائيس آف مسنگ پرسن پاران ڊاڪٽر مير عالم مري ۽سورٺ لوهار جي اڳواڻي ۾  گُم ٿيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان علامتي بُک هڙتال ڪئي وئي. بُک هڙتال ۾ جسم چيئيرمين عبدالخالق جوڻيجو، عوامي جھموري پارٽي جي سربراھ ايڊوڪيٽ امان الله شيخ، جيئي سنڌ لبرل فرنٽ جي سربراھ نواز خان زنئور، آغا سعيد، گم ڪيل ماڻهن جي وارثن تنوير آريجو، عاصمه رضا جروار، رحمت سومري سميت ٻين ڪيترن ئي قوم پرست اڳواڻ، ڪارڪنن ۽ سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. بُک هڙتال تي ويٺل قوم پرست ۽ وائيس آف مسنگ پرسن جي اڳواڻن گُم ٿيل ماڻهن کي فوري طور آزاد ڪرڻ ۽ انساني حقن جي لتاڙ بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، اڄ ٻئي ڏينهن به بُک هڙتال جاري رهندي. اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ ۾ گُم ٿيل ماڻهن جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪندڙ وائيس آف مسنگ پرسن جي ڪنوينر پنهل ساريو، سميت رضا جروار، انعام عباسي، صابر چانڊيو، خادم آريجو ۽ ٻيا ڪيترائي قومي ڪارڪن کنڀي گم ڪيا ويا آهن. جن جو ڪو به ڏس پتو ناهي. هنن چيو ته اسان وٽ انساني حقن جي وڏي پئماني تي لتاڙ ڪئي پئي وڃي. جنهن کي فوري طور تي روڪيو وڃي. ماڻهن کي بِنا ڏوھ ٻڌائڻ جي کنڀي کڻي وڃي گم ڪرڻ نه صرف انساني حقن جي ڀڃڪڙي پر مُلڪي آئين جي به خلاف ورزي آهي. هنن انساني حقن جي تنظيمن توڙي عالمي ضمير کان مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ مان گم ٿيل ماڻهن جي آزادي لاءِ مدد ڪئي وڃي. ۽ گم ٿيل سمورن ماڻهن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. هوڏانهن ڄامشورو مان کنڀي گم ڪيل حيدرآباد جي سينيئر صحافي غلام رسول برفت کي 26 ڏينهن گذرڻ باوجود به آزاد نه ٿي سگهيو، ڄامشوري جي برفت برادري جي عورتن ۽ ٻارڙن پاران سينيئر صحافي غلام رسول برفت، نيشنل بئنڪ جي آفيسر ظهير حسين برفت ۽ نوجوان آصف برفت جي آزاديءَ لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي سينيئر صحافي غلام رسول برفت جي گهرواري مسمات ممتاز برفت، نوجوان آصف برفت جي امڙ عظيمه برفت، ظهير حسين برفت جي گهرواري ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته 18 ڏينهن اڳ 40 کان 50 سادا ڪپڙيل پهريل اهلڪارن سندن گهرن تي رات جي وقت چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ ڀڃڊاهه ڪرڻ بعد سندن ٽن ماڻهن حيدرآباد جي سينيئر صحافي غلام رسول برفت، بينڪ آفيسر ظهير حسين برفت ۽ نوجوان آصف برفت کي وحشياڻو تشدد ڪرڻ بعد کنڀي کڻي ويا، جن کي اڃا تائين ظاهر نه ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته کنڀي گم ڪيل بينڪ آفيسر ظهير حسين برفت ۽ غلام رسول برفت کي پهريان به کنڀي گم ڪيو ويو هو، جن کي بعد ۾ آزاد ڪيو ويو، جڏهن ته ٻيهر گهرن تي چڙهائي ڪري گهرڀاتين کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته سندن ڪنهن به قومپرست تنظيم سان ڪو تعلق ناهي. هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي کنڀي ڪيل سندن گهرڀاتين کي فوري طور تي ظاهر ڪري ابادآزاد ڪيو وڃي، ٻئي طرف ڪڪڙ ويجهو کنڀي گم ڪيل صابر چانڊيو 130 ڏينهن گذرڻ باوجود آزاد نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب سندس گهر ۾ ڪهرام متل آهي ۽ سندس امڙ کي مختلف وقتن تي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن، جڏهن ته پاڪ ڪتاب جو ورد ڪري نوجوان جي آزاديءَ لاءِ دعائون پڻ گهريون پيون وڃن. ان سلسلي ۾ ڪالهه به نوجوان صابر چانڊيو جي وارث عورتن لاڙڪاڻو پريس ڪلب سامهون سندس آزاديءَ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ سليم خاتون، عالم خاتون ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيو ته اسان جي نوجوان صابر چانڊيو کي سيوهڻ ويندي 130 ڏينهن اڳ ڪڪڙ ويجهو کنڀي گم ڪيو ويو، جنهن جي آزاديءَ لاءِ اسان مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهيون پر ڪا اختياري نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي، جنهن ڪري اسان سخت پريشان آهيون. هنن چيو ته نوجوان جي کنڀجڻ جي صدمي ۾ سندس والد عيدالفطر واري ڏهاڙي لاڏاڻو ڪري ويو، جڏهن ته سندس امڙ کي مسلسل بيهوشيءَ جا دورا پئجي رهيا آهن، اسان جي نوجوان کي بي گناهه کنڀي گم ڪيو ويو آهي. هنن چيف جسٽس آف پاڪستان سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته سندن نوجوان جي آزاديءَ لاءِ قدم کنيا وڃن.

جبري گمشدگين خلاف اڄ عالمي ڏهاڙو، سنڌ مان ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ماڻهو گم

ڪراچي/حيدرآباد/سکر( نمائندا ) سنڌ سميت سموري دنيا ۾اڄ جبري گمشدگين خلاف عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، جڏهن ته سنڌ جي مختلف علائقن مان کنڀي گم ڪيل ڏيڍ سئو کان وڌيڪ سياسي ڪارڪنن، صحافين، سماجي اڳواڻن، شاگردن، هارين ۽ پورهيتن جو ڪو به ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، گم ڪيل ماڻهن ۾پاڪ ڪتاب جو ورد ۽ پيارن جي آزاديءَ لاءِ دعائون گهرڻ جو سلسلو جاري آهي، ان سلسلي ۾ سنڌ جي مختلف شهرن مان کنڀي گم ڪيل ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ماڻهن سماجي پنهل ساريي، سينيئر صحافي غلام رسول برفت، صحافي ۽ پبلشر انعام عباسي، خوراڪ کاتي جي آفيسر خادم آريجو، رضا جروار، هدايت لوهار، صابر چانڊيو، سيف جتوئي، غلام مرتضيٰ جوڻيجي، مجيب چولياڻي، اعجاز ڳاهي، بخش علي مغيري، اعجاز تنيي ۽ ٻين جو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي گهرن ۾پاڪ ڪتاب جو ورد ۽ پيارن جي آزاديءَ لاءِ دعائون گهرڻ جو سلسلو جاري آهي، کنڀيل ماڻهن جي گهرن ۾مايوسيءَ جي لهر ڇانيل آهي، کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي وارثن جو چوڻ آهي ته هو احتجاج ڪري ٿڪجي پيا آهن، پر ڪير به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي، هنن چيو ته جبري گمشدگيون انساني حقن جي ڀڃڪڙي ۽ عدالت کان مٿانهون عمل آهن، هنن چيو ته عالمي ادارا، انساني حقن جون تنظيمون ۽ وس وارا ۽ سنڌ جو عوام نوٽيس وٺي جبري گمشدگين خلاف آواز اٿاري ايندڙ نسل جو مستقبل بچائي، گم ٿيل ماڻهن جي وارثن چيف جسٽس آف پاڪستان، آرمي چيف، وزيراعظم، وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته کنڀي گم ڪيل سندن پيارن کي آزاد ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.