Khadija Korejo mother of kidnapped Sindhi labourer Shuaeb Korejo Protest in front of Hyderabad Press Club.

in news by

دادو مان قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار نوجوان کنڀي ويا، احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) دادو جي سورج آباد پاڙي جي رهواسڻ خديجا ڪوريجو حيدرآباد پريس ڪلب سامهون پنهنجي پٽ جي بازيابي جي لاءِ احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هن ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار سندس گهر ۾ داخل ٿي بنا، ڪنهن سبب ٻڌائڻ جي سندس پٽ شعيب احمد ڪوريجو کي کنڀي کڻي ويا، واقعي بعد هن حد جي ٿاڻي تي پهچي پوليس کي اطلاع به ڏنو، پر پوليس ڪو به تدارڪ نه ڪيو ۽ کيس چيو ته سندس پٽ بابت کين ڪا به ڄاڻ نه آهي. هن ٻڌايو سندس پٽ ۽ هوءَ محنت مزدوري ڪري گهر جو گذار سفر ڪن ٿا، سندس پٽ جو ڪنهن به سياسي تنظيم يا ڏوهاري قسم جي ماڻهن سان تعلق نه آهي. هن سنڌ جي گهرو وزير، آءِ جي سنڌ ۽ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته سندس گم ٿيل پٽ کي بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ هو پاڻ ساڙيندي.