This is Political and Useless Decision. Gen. Zia has returned. Asma Jehangir Very Courageous & Rare statement in the atmosphere of Appeasment Army by not so honourable Judges of Pakistan.

in news by

 

This is Political and Useless Decision. Gen. Zia has returned. Asma Jehangir
Very Courageous & Rare statement in the atmosphere of Appeasment Army by not so honourable Judges of Pakistan.

سياسي ۽ ناقص فيصلو آهي، ضيا موٽي آيو آهي: عاصمه جهانگير

لاهور (م د) نالي واري قانوندان ۽ سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر عاصمه جهانگير چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جهٽڪي سان وزيراعظم کي نااهل ڪيو. نااهلي پاناما نه اقامه جي بنياد تي ٿي آهي. پيغام ڏنو ويو ته اسٽيبلشمينٽ جو چيو نه مڃيندڙ سياستدانن جو اهڙو ئي حشر ٿيندو. هي ناقص ۽ سياسي فيصلو آهي. مختلف چينلن سان ڳالهيون ڪندي عاصمه جهانگير چيو ته هي پنهنجي نوعيت جو پهريون ڪيس آهي. جو سپريم ڪورٽ پاڻ ئي بنا ڪيس هلائڻ جي ڪنهن کي نااهل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.نواز شريف ملڪ جو شهري ناهي جو کيس مناسب موقعو فراهم ڪيو وڃي ها ۽ فيصلي ۾ اهو نڪتو ئي گم ڪيو ويو آهي نه ته ٻڌائڻ کپي ها ته عدالت ڇو قاعدن موجب نه هلي آهي. نااهلي اقامه جي بنياد تي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته هي سياسي ڪيس آهي ۽ هي جهٽڪو ڏئي مارڻ وارو فيصلو آهي. هاڻ نئب ۾ ڪئنگرو ڪيس ڇو پيو هلايو وڃي. هن ڪرپشن جو معاملو هجي ها ته ڪيس هلايو وڃي ها،. مئل ڪو ئي مليو آهي. اهو پيغام ڏنو ويو آهي ته توهان اسٽيبلشمينٽ جي خلاف ويندئو ته توهان کي عبرت جو نشانو بڻايو ويندو. هن چيو ته ضياءُ الحق جون حرڪتون واپس اچي ويون آهن. 62، 63 جو در کلي ويو آهي ته پوءِ هاڻ ڇا ٿيندو. هن چيو ته پارليامينٽ ميمبر جو صادق ۽ امين هجڻ ضروري آهي يا ڪنهن جج جو، پنجن مان 4 جج مشرف جي پي سي او تي حلف کندڙ آهن. ڇا اهي صادق ۽ امين رهندا. هن چيو ته جي آءِ ٽي ڪيس ٽن ججن ٻڌو پر فيصلو پنجن ٻڌايو ڇا ٻه جج اخلاقي مدد لاءِ آيا هئا. هن چيو ته هي انتهائي ناقص فيصلو آهي. نواز شريف وٽ رڳو اپيل جو ئي رستو آهي. 62 ۽ 63 جي چڪيءَ ۾ سڀ پيسجي ويندا. ڪو به مٺائي نه کائي، عمران خان نااهل نه ٿيو ته به سندس مٿي تي تلوار لٽڪندي رهندي ۽ هن به اسٽيبلشمينٽ خلاف ڪم ڪيو ته تلوار ويجهي اچي ويندي. ان شق کي ختم نه ڪري سگهڻ جا ذميوار به سياستدان ئي آهن. هن چيو ته عدالت مناسب فيصلو نه ڪيو آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف پاناما ليڪس ۾ آيل جج جو نالو ڇو نه ٿي کڻي. دفاعي بجيٽ تي ڇو پارليامينٽ ۾ بحث نه ٿي ڪري. هن چيو ته اصل حڪومت ڪندڙ اڄ به موجود آهن. سياستدان ئي سياست سياست کيڏي رهيا آهن. ٻن سالن کانپوءِ وري سڀ پڇتائيندا.بئريسٽر زاهد جميل چيو ته فيصلي ۾ جهول موجود آهن. نواز شريف کي به نه گهرايو ويو. نواز شريف ڪهڙي بدديانتي ڪئي. اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي آهي. هن چيو ته نواز شريف کي اهو چوڻ جو موقعو ملندو ته هو بيگناهه هو ۽ کيس مدو پورو ڪرڻ ڻه ڏنو ويو