گم ٿيل قوم پرست ڪارڪنن جي وارثن عيد پريس ڪلب آڏو ملهائي، احتجاج جاري

in news by

ڪراچي (رپورٽر)  سنڌ ۾ سياسي ڪارڪن ھدايت لوھار، رضا جروار، ايوب ڪانڌڙي، صابر چانڊيي، خادم آريجي، مرتضيٰ جوڻيجي ۽ ٻين قومي ڪارڪنن

جي آزادي لاءِ وائيس فار مسنگ پرسن فورم پاران ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي،  جنهن ۾ جسقم، اي جي پي، انڊس فورم، عوامي جمهوري پارٽي، سنڌسجاڳي فورم، انساني حقن واري ڪميشن ۽ ٻين تنظين جي ڪارڪنن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي  گم ڪيل هدايت لوهار جي نياڻي سورٺ ٻڌايو ته هن جي پيءُ  هدايت لوهار کي 17 اپريل تي اسڪول مان کنيو ويو، جنهن جو اڄ ڏينهن تائين پتو ناهي پئجي سگهيو، هن جيو ته منهنجو پيءُ سوشلسٽ ماڻهو آهي جنهن جو تعلق جسقم آريسر سان رهيو آهي، هن جو جيڪڏهن ڪو ڏوهه آهي ته ان کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي، هن چيو ته ڪيترائي اهڙا سنڌ جا قومي ڪارڪن آهن جيڪي گم آهن، ان موقعي تي قوم پرست اڳواڻ پنهل ساريو چيو ته سنڌ پهريان کان وڌيڪ پر امن آهي، ڏوهه به گهٽ ٿين ٿا، پر هتي ماڻهو اڳ کان وڌيڪ منظم ٿيو آهي اهي پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿارين ٿا، هن چيو ته هن وقت تقريبن 43 ماڻهو مختلف علائقن مان گم آهن، عمران جوکيو جنهن کي نوشهروفيروز پوليس کنڀيو ان جو اڄ ڏينهن تائين پتو ناهي پئجي سگهيو، فضيلا سرڪي آهي جنهن کي 10 سال کان مٿي عرصو گذري ويو آهي، ان سميت مختلف قوم پرست ان کان اڳ اسان کي 17 باهه ۾ سڙيل ۽ چچريل لاش ملي چڪا آهن، گم ٿيل ايوب ڪانڌري جي ڌيءَ ماروي ڪانڌڙو چيو ته ان کي آفيس ويندي کنڀيو ويو اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواست داخل ڪئي آهي پر اتي به حاضريون پڻ هلي رهيون آهن، بک هڙتالي ڪئمپ تي سليم جروار، سارنگ لوھار، سرمد مينگل، عرفان عالماڻي، انعام سيال، ادل سولنگي، سارنگ جويي، طارق خاصخيلي، سرور جروار، امجد پليجو، راج ڪمار، شيرين زنئور، سھڻي جويو، سنيتا راٺوڙ، ۽ ٻين شرڪت ڪئي